شاعر رسالو

شاعر رسالو

شاعر رسالو

شاعر (رسالو): هيءُ رسالو مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي سرپرستيءَ ۾ 1956ع ڌاري جاري ٿيو، جنهن جو ايڊيٽر غلام محمد گرامي هو. رسالي جو پهريون پرچو جون- جولاءِ 1956ع ‘موسيقي نمبر’ نڪتو، جنهن ۾ راڳ ۽ موسيقيءَ جي باري ۾ معلوماتي مواد شايع ڪيو ويو. هيءُ رسالو ٻن پرچن کان پوءِ ٽه ماهي ٿيو. هن رسالي ۾ ادبي ۽ معلوماتي مواد شايع ٿيندو هو. هن رسالي جو هڪ پرچو جولاءِ، آگسٽ، سيپٽمبر، آڪٽوبر، نومبر، ڊسمبر 1957ع ۾ ‘رفيق حيات’ اشاعت خاص، 475 صفحن تي مشتمل ناياب تصويرن سان شايع ڪيو ويو، جنهن ۾ عورت، شادي ۽ پردي متعلق ڪافي معلوماتي مقالا ۽ مضمون ڏنا ويا آهن ۽ ان کان علاوه ان ۾ مخدوم محمد امين فهيم جي شاديءَ جي تقريب ۾ پڙهيل طرحي سهرا ۽ ٻيو مواد به شامل آهي. هي رسالو سنڌ يونيورسٽي پريس، حيدرآباد ۽ ناطق سنڌ پريس حيدرآباد ۾ ڇپبو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو